فَعَقَرُوا۟ ٱلنَّاقَةَ وَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ وَقَالُوا۟ يَٰصَٰلِحُ ٱئْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ ﴿٧٧﴾
پوءِ ڏاچيءَ جون کُچون ڪپي ڇڏيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالِح جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين ته جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ.