ٱلَّذِينَ يَتَّبِعُونَ ٱلرَّسُولَ ٱلنَّبِىَّ ٱلْأُمِّىَّ ٱلَّذِى يَجِدُونَهُۥ مَكْتُوبًا عِندَهُمْ فِى ٱلتَّوْرَىٰةِ وَٱلْإِنجِيلِ يَأْمُرُهُم بِٱلْمَعْرُوفِ وَيَنْهَىٰهُمْ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ ٱلطَّيِّبَٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ ٱلْخَبَٰٓئِثَ وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَٱلْأَغْلَٰلَ ٱلَّتِى كَانَتْ عَلَيْهِمْ ۚ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِهِۦ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَٱتَّبَعُوا۟ ٱلنُّورَ ٱلَّذِىٓ أُنزِلَ مَعَهُۥٓ ۙ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ ﴿١٥٧﴾
(۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن.