يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ تُوبُوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ تَوْبَةًۭ نَّصُوحًا عَسَىٰ رَبُّكُمْ أَن يُكَفِّرَ عَنكُمْ سَيِّـَٔاتِكُمْ وَيُدْخِلَكُمْ جَنَّٰتٍۢ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ يَوْمَ لَا يُخْزِى ٱللَّهُ ٱلنَّبِىَّ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ ۖ نُورُهُمْ يَسْعَىٰ بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَبِأَيْمَٰنِهِمْ يَقُولُونَ رَبَّنَآ أَتْمِمْ لَنَا نُورَنَا وَٱغْفِرْ لَنَآ ۖ إِنَّكَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ ﴿٨﴾
اي ايمان وارؤ الله وٽ توبه ڪريو سچي توبه، اوھان جي پالڻھار ۾ اميد آھي ته اوھان جون مدايون اوھان کان ميٽيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جنھن ڏينھن جو الله پيغمبر کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو آھي تن کي خوار نه ڪندو، سندن (ايماني) نُور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو چوندا (ته) اي اسان جا پالڻھار اسان لاءِ اسان جو نُور ڀرپور ڪر ۽ اسان کي بخش، بيشڪ تون سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھين.