وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا صُمٌّۭ وَبُكْمٌۭ فِى ٱلظُّلُمَٰتِ ۗ مَن يَشَإِ ٱللَّهُ يُضْلِلْهُ وَمَن يَشَأْ يَجْعَلْهُ عَلَىٰ صِرَٰطٍۢ مُّسْتَقِيمٍۢ ﴿٣٩﴾
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي.