لِلْفُقَرَآءِ ٱلْمُهَٰجِرِينَ ٱلَّذِينَ أُخْرِجُوا۟ مِن دِيَٰرِهِمْ وَأَمْوَٰلِهِمْ يَبْتَغُونَ فَضْلًۭا مِّنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنًۭا وَيَنصُرُونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ ۚ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلصَّٰدِقُونَ ﴿٨﴾
(۽ اُھو فَيءَ جو مال) انھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آھي جن کي سندن گھرن مان ۽ مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ سندس رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اُھي ئي سچا آھن.