يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّخِذُوا۟ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ دِينَكُمْ هُزُوًۭا وَلَعِبًۭا مِّنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ مِن قَبْلِكُمْ وَٱلْكُفَّارَ أَوْلِيَآءَ ۚ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ ﴿٥٧﴾
اي ايمان وارؤ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن منجھان جن اوھان جي دين کي چٿر ۽ راند بڻايو آھي تن کي ۽ ڪافرن کي دوست نه بڻايو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.