وَأَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ بِٱلْحَقِّ مُصَدِّقًۭا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ وَمُهَيْمِنًا عَلَيْهِ ۖ فَٱحْكُم بَيْنَهُم بِمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ ۖ وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَآءَهُمْ عَمَّا جَآءَكَ مِنَ ٱلْحَقِّ ۚ لِكُلٍّۢ جَعَلْنَا مِنكُمْ شِرْعَةًۭ وَمِنْهَاجًۭا ۚ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَجَعَلَكُمْ أُمَّةًۭ وَٰحِدَةًۭ وَلَٰكِن لِّيَبْلُوَكُمْ فِى مَآ ءَاتَىٰكُمْ ۖ فَٱسْتَبِقُوا۟ ٱلْخَيْرَٰتِ ۚ إِلَى ٱللَّهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًۭا فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ ﴿٤٨﴾
۽ (اي پيغمبر) توڏانھن سچائيءَ سان ڪتاب لاٿوسون جيڪي ڪتاب کانئس اڳ آھن تن جو سچو ڪندڙ ۽ مٿن نگھبان آھي تنھنڪري الله جيڪي لاٿو آھي تنھن موجب سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ جيڪي حق تو وٽ آيو آھي تنھن کان مُڙي سندين سَڌن جي تابعداري نه ڪر، اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مُقرّر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) ته جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱائيءَ ڏانھن اڳرائي ڪريو، اوھان مڙني جو الله ڏانھن موٽڻ آھي پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت اوھين تڪرار ڪندڙ ھيؤ تنھنجي فيصلي جي اوھان کي خبر ڏيندو.