Sindhi

سورة المائدة - عدد الآيات 120
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تُحِلُّوا۟ شَعَٰٓئِرَ ٱللَّهِ وَلَا ٱلشَّهْرَ ٱلْحَرَامَ وَلَا ٱلْهَدْىَ وَلَا ٱلْقَلَٰٓئِدَ وَلَآ ءَآمِّينَ ٱلْبَيْتَ ٱلْحَرَامَ يَبْتَغُونَ فَضْلًۭا مِّن رَّبِّهِمْ وَرِضْوَٰنًۭا ۚ وَإِذَا حَلَلْتُمْ فَٱصْطَادُوا۟ ۚ وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَـَٔانُ قَوْمٍ أَن صَدُّوكُمْ عَنِ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ أَن تَعْتَدُوا۟ ۘ وَتَعَاوَنُوا۟ عَلَى ٱلْبِرِّ وَٱلتَّقْوَىٰ ۖ وَلَا تَعَاوَنُوا۟ عَلَى ٱلْإِثْمِ وَٱلْعُدْوَٰنِ ۚ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ ﴿٢﴾
اي ايمان وارؤ الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي نه ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني ۾ ۽ نڪي (ڪعبه ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيل جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳانن) جي ۽ نڪي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن ويندڙن جي جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ آھن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نه ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.
مشاركة الموضوع