يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ لَا تَغْلُوا۟ فِى دِينِكُمْ وَلَا تَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْحَقَّ ۚ إِنَّمَا ٱلْمَسِيحُ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ رَسُولُ ٱللَّهِ وَكَلِمَتُهُۥٓ أَلْقَىٰهَآ إِلَىٰ مَرْيَمَ وَرُوحٌۭ مِّنْهُ ۖ فَـَٔامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ ۖ وَلَا تَقُولُوا۟ ثَلَٰثَةٌ ۚ ٱنتَهُوا۟ خَيْرًۭا لَّكُمْ ۚ إِنَّمَا ٱللَّهُ إِلَٰهٌۭ وَٰحِدٌۭ ۖ سُبْحَٰنَهُۥٓ أَن يَكُونَ لَهُۥ وَلَدٌۭ ۘ لَّهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًۭا ﴿١٧١﴾
اي ڪتاب وارؤ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نه چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.