Sindhi

سورة النساء - عدد الآيات 176
وَقَوْلِهِمْ إِنَّا قَتَلْنَا ٱلْمَسِيحَ عِيسَى ٱبْنَ مَرْيَمَ رَسُولَ ٱللَّهِ وَمَا قَتَلُوهُ وَمَا صَلَبُوهُ وَلَٰكِن شُبِّهَ لَهُمْ ۚ وَإِنَّ ٱلَّذِينَ ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ لَفِى شَكٍّۢ مِّنْهُ ۚ مَا لَهُم بِهِۦ مِنْ عِلْمٍ إِلَّا ٱتِّبَاعَ ٱلظَّنِّ ۚ وَمَا قَتَلُوهُ يَقِينًۢا ﴿١٥٧﴾
۽ سندن ھن چوڻ سببان ته الله جي پيغمبر مَسِيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪ نه کيس ڪُٺائون ۽ نڪي کيس سوريءَ تي چاڙھيائون پر انھن کي شُبه ۾ وڌو ويو، ۽ بيشڪ جن ان بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نه آھي، ۽ پڪ سان نه ڪُٺو اٿن.
مشاركة الموضوع