زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.
زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.
جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.
اي ايمان وارؤ اوھين شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وِکن تي ھلندو ته شيطان ته بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ مندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نه سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽي وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪي به) نه ڏيڻ جو قسم نه کڻن، ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نه گھرندا آھيو ڇا ته الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.
الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نه پھتي ھجيس ته به سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
۽ جن ڪُفر ڪيو تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تان جو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شيء نه لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي.
يا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.
چؤ ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ ته ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ لازم آھي.
اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله انجام ڏنو آھي ته مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو جئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن انھيءَ دين کي جو انھن لاءِ پسند ڪيو اٿس انھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندس ڊڄ کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو، (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا، (۽) مون سان ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪندا، ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن.
انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي.