يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِن كُنتُمْ فِى رَيْبٍۢ مِّنَ ٱلْبَعْثِ فَإِنَّا خَلَقْنَٰكُم مِّن تُرَابٍۢ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍۢ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍۢ ثُمَّ مِن مُّضْغَةٍۢ مُّخَلَّقَةٍۢ وَغَيْرِ مُخَلَّقَةٍۢ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۚ وَنُقِرُّ فِى ٱلْأَرْحَامِ مَا نَشَآءُ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ثُمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًۭا ثُمَّ لِتَبْلُغُوٓا۟ أَشُدَّكُمْ ۖ وَمِنكُم مَّن يُتَوَفَّىٰ وَمِنكُم مَّن يُرَدُّ إِلَىٰٓ أَرْذَلِ ٱلْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنۢ بَعْدِ عِلْمٍۢ شَيْـًۭٔا ۚ وَتَرَى ٱلْأَرْضَ هَامِدَةًۭ فَإِذَآ أَنزَلْنَا عَلَيْهَا ٱلْمَآءَ ٱهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَأَنۢبَتَتْ مِن كُلِّ زَوْجٍۭ بَهِيجٍۢ ﴿٥﴾
اي ماڻھؤ جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل ھن لاءِ ته اوھان کي کولي ٻڌايون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳڀيرڻين ۾ ٺھرائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري نپائيندا آھيون ته اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو اڳي مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪميءَ ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي ته ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نه ڄاڻي، ۽ زمين کي غير آباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن تازي ٿيندي ۽ اُڀامندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا اوڀڙ ڄمائيندي آھي.