وَقُلْنَا يَٰٓـَٔادَمُ ٱسْكُنْ أَنتَ وَزَوْجُكَ ٱلْجَنَّةَ وَكُلَا مِنْهَا رَغَدًا حَيْثُ شِئْتُمَا وَلَا تَقْرَبَا هَٰذِهِ ٱلشَّجَرَةَ فَتَكُونَا مِنَ ٱلظَّٰلِمِينَ ﴿٣٥﴾
۽ چيوسون ته اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ ٽڪو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو، ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃجو نه ته ظالمن (جي شمار) مان ٿيندؤ.