إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَٱلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ وَجَٰهَدُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ أُو۟لَٰٓئِكَ يَرْجُونَ رَحْمَتَ ٱللَّهِ ۚ وَٱللَّهُ غَفُورٌۭ رَّحِيمٌۭ ﴿٢١٨﴾
جن ايمان آندو ۽ جن الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيو ۽ جھاد ڪيو سي الله جي ٻاجھ جا اميدوار آھن، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.