۞ يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلْأَهِلَّةِ ۖ قُلْ هِىَ مَوَٰقِيتُ لِلنَّاسِ وَٱلْحَجِّ ۗ وَلَيْسَ ٱلْبِرُّ بِأَن تَأْتُوا۟ ٱلْبُيُوتَ مِن ظُهُورِهَا وَلَٰكِنَّ ٱلْبِرَّ مَنِ ٱتَّقَىٰ ۗ وَأْتُوا۟ ٱلْبُيُوتَ مِنْ أَبْوَٰبِهَا ۚ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ ﴿١٨٩﴾
(اي پيغمبر) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چؤ ته اِھي ماڻھن ۽ حج لاءِ وقت مُقرر ٿيل آھن، ۽ چڱائي (ھن ۾) نه آھي ته (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو پر (اصل) چڱائي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي، ۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.