وَمَا مَنَعَنَآ أَن نُّرْسِلَ بِٱلْءَايَٰتِ إِلَّآ أَن كَذَّبَ بِهَا ٱلْأَوَّلُونَ ۚ وَءَاتَيْنَا ثَمُودَ ٱلنَّاقَةَ مُبْصِرَةًۭ فَظَلَمُوا۟ بِهَا ۚ وَمَا نُرْسِلُ بِٱلْءَايَٰتِ إِلَّا تَخْوِيفًۭا ﴿٥٩﴾
۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.