وَقَضَيْنَآ إِلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ فِى ٱلْكِتَٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِى ٱلْأَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّۭا كَبِيرًۭا ﴿٤﴾
۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.