هُوَ ٱلَّذِى يُسَيِّرُكُمْ فِى ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ ۖ حَتَّىٰٓ إِذَا كُنتُمْ فِى ٱلْفُلْكِ وَجَرَيْنَ بِهِم بِرِيحٍۢ طَيِّبَةٍۢ وَفَرِحُوا۟ بِهَا جَآءَتْهَا رِيحٌ عَاصِفٌۭ وَجَآءَهُمُ ٱلْمَوْجُ مِن كُلِّ مَكَانٍۢ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُمْ أُحِيطَ بِهِمْ ۙ دَعَوُا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ لَئِنْ أَنجَيْتَنَا مِنْ هَٰذِهِۦ لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلشَّٰكِرِينَ ﴿٢٢﴾
اُھو (الله) آھي جو اوھان کي بر ۽ دريائن ۾ گھمائيندو آھي، ايتري تائين جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن ته اوچتو کين اڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن ته بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (ته) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته جيڪڏھن ھن (اوکائي) کان اسان کي بچائين ته ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون.