Sindhi

Surah الغاشية - Aya count 26
Share
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.
بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.
(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.
پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.
مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.
اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.
۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.
۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.
۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.
پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.
تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.
وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.