Sindhi

Surah الأعلى - Aya count 19
Share
(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.