Sindhi

Surah البروج - Aya count 22
Share
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي.
۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.
۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.
جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.
جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.
بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.
۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.
(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.
جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.
تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
(يعني) فرعون ۽ ثمود جي.
بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.
۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.
حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.