Sindhi
Surah نوح - Aya count 28
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.
چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.
ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.
پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.
وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.
وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.
پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.
ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.
حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.
نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.
۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.
۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.
وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.
۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.
ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.
نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.
۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.
۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.
انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.
۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.
بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.