Sindhi
Surah القلم - Aya count 52
نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.
ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.
۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.
۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.
پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.
ته اوھان مان ڪير چريو آھي.
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.
اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.
۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.
(جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.
خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.
بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.
انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.
جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.
سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.
بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).
پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.
جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.
پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.
جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.
پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.
ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.
۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.
پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.
(نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.
سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟
چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.
پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.
چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.
مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.
ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.
مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟
اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟
اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.
ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.
اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.
(اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.
انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.
جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.
انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.
پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.
انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.
انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.
(يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.
پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.
جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.
پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.
۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.
۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.