Sindhi

Surah الواقعة - Aya count 96
Share
جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.
ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.
۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.
پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.
۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.
پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.
نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.
ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.
آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).
(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.
۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
۽ وڏين اکين وارون حورون.
جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.
اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.
پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.
۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.
۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.
۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.
بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.
پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.
مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.
گھڻي جماعت پھرين مان آھي.
۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.
ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.
۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.
جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.
بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.
۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.
(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.
ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.
پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.
پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.
پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.
قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.
اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.
ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.
تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.
ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.
۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.
سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.
(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.
بلڪ اسين بي نصيب آھيون.
ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.
اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.
تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.
اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.
تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.
پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.
۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.
پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.
جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.
پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.
۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.
پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.
۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.
۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.
پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.
ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.
پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.
ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.
ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.
پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.
ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.