Sindhi

Surah الأنبياء - Aya count 112
Share
ماڻھن لاءِ سندن حساب ويجھو ٿيو آھي ۽ اُھي غفلت ۾ (رھي کانئس) منھن موڙيندڙ آھن.
سندن پالڻھار وٽان ڪا نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي پر اُن کي (ٺـٺوليءَ وانگر راند) کيڏندي ٻڌندا آھن.
سندن دليون وائڙيون آھن، ۽ ظالم ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ته ھي (پيغمبر) اوھان جھڙو ئي ماڻھو آھي، ۽ اوھين ڏسي وائسي جادوءَ کي ڇو ويجھا ويندا آھيو؟
(پيغمبر) چيو ته منھنجو پالڻھار سڀ ڳالھ ڄاڻندڙ آھي (جا) آسمان ۽ زمين ۾ (جتي ھُجي)، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
بلڪ چيائون ته (اھو قرآن) اجايا خيالات آھن بلڪ اُن کي ٺاھ ٺاھيو اٿس بلڪ اُھو شاعر آھي، پوءِ جڳائي ته اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جھڙي طرح پھريان (پيغمبر) موڪليا ويا ھوا.
(ھائو) ڪوبه ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نه آندو ھو، پوءِ ھيءَ ايمان آڻيندا آھن ڇا؟
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ رڳا مرد موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چ‍ؤ ته) جيڪڏھن نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.
۽ اُنھن (پيغمبرن) جو جُسو اھڙو نه بڻايوسون جو طعام نه کائين ۽ نه سدائين رھڻ وارا ھوا.
وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون.
بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھوا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيو قومون پيدا ڪيون سون.
پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب سھي ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُٿي ڀڳا ٿي.
(چيوسون ته) نه ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ آسودا ھُيؤ اُنھن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو ته مانَ اوھان کان پڇيو وڃي.
چوندا رھيا ته اسان لاءِ خرابي آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون.
پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون.
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سا ڪا اسان راند نه بڻائي آھي.
جيڪڏھن اسان کي راند بڻائڻ (يعني ٻارن ٻچن) جو ڪو ارادو ھجي ھا ته ضرور اُنکي پاڻ وٽان وٺون ھا (يعني پاڻ جھڙا ڪريون ھا)، جيڪڏھن اسين ڪندڙ ھجون ھا (پر اسين ائين ڪندڙ نه آھيون).
بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو سندن مٿو ڀڃندو آھي پوءِ اُنھيءَ مھل اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي ۽ جيڪي (الله جون) وصفون اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن سببان اوھان لاءِ خرابي آھي.
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي وٽس آھن سي سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي ٿڪبا آھن.
(اُھي) رات جو ۽ ڏينھن جو پاڪائي بيان ڪندا آھن سُست نه ٿيندا آھن.
زمين (جي شين) مان اھڙا معبود ورتا اٿن ڇا جو اُھي (مئي کانپوءِ کين) کڙو ڪندا؟
جيڪڏھن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ (گھڻا) معبود ھجن ھا ته (آسمان ۽ زمين) ٻئي اُجڙن ھا، پوءِ ڪافر جيڪو بيان ڪندا آھن تنھن (ڳالھ) کان عرش جو پالڻھار پاڪ آھي.
(الله) جيڪي ڪندو آھي تنھن بابت (اُھو) نه پڇبو ۽ اُنھن کان پڇا ڪبي.
اُن کانسواءِ (ٻيا) معبود ڇا ورتائون؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي (يعني توريت ۽ انجيل انھن مان دليل ڏيو) بلڪ انھن مان گھڻا حق کي نه ڄاڻندا آھن اُن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن.
۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.
۽ چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، بلڪ (ملائڪ الله جا) سڳورا ٻانھا آھن.
ڳالھائڻ ۾ اُن کان آڳاٽائي نه ڪندا آھن ۽ سندس حُڪم موجب ڪم ڪندا آھن.
جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (الله) جنھن کان راضي ٿئي تنھن کان سواءِ ٻئي لاءِ سفارش نه ڪندا آھن ۽ اُھي سندس ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.
۽ منجھائن جيڪو چوي ته آءٌ الله کان سواءِ معبود آھيان تنھن کي دوزخ جي سزا ڏينداسون، ظالمن کي اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون.
ڪافرن نه ڏٺو آھي ڇا ته آسمان ۽ زمين بند ٿيل ھوا؟ پوءِ انھن کي کوليوسون، ۽ سڀڪنھن جيئري شيء کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون، پوءِ ڇونه ايمان آڻيندا آھن؟
۽ زمين ۾ جبل پيدا ڪياسون ته متان کين ڌوڏي ۽ منجھس ويڪريون واٽون بڻايوسون ته مانَ اُھي واٽ لھن.
۽ آسمان کي مُحڪم ڇت بڻائي سون، ۽ اُھي اُن جي نشانين کان مُنھن موڙيندڙ آھن.
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ بڻايو، سڀڪو (تارو پنھنجي) آسمان ۾ ترندو آھي.
۽ توکان اڳ ڪنھن ماڻھوءَ کي سدائين رھڻ وارو نه ڪيوسون، جيڪڏھن تون مُئين ته اُھي سدائين رھڻ وارا آھن.
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکڻ وارو آھي، ۽ اوھان کي مدائي ۽ چڱائي سان جاچڻ طرح پرکيندا آھيون، ۽ اسان ڏانھن موٽائبؤ.
۽ جڏھن ڪافر توکي ڏسندا آھن تڏھن توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته ھيءُ اُھو آھي ڇا جيڪو اوھان جي معبودن (جي عيبن) جو ذڪر ڪندو آھي، ۽ اُھي الله ياد ڪرڻ کان انڪار ڪندا آھن.
ماڻھو اُٻھر مان بڻايو ويو آھي، سگھو پنھنجون نشانيون اوھان کي ڏيکاريندس پوءِ مون کان عذاب جلد نه گھرو.
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟
جيڪڏھن ڪافر اُن وقت کي ڄاڻن ھا جنھن مھل نڪي پنھنجن منھن ۽ نڪي پنھنجين پٺين کان باھ کي جھلي سگھندا ۽ نڪي کين مدد ڏبي (ته ائين نه چون ھا).
بلڪ (اھا گھڙي) وٽن اوچتو ايندي پوءِ کين حيران ڪندي پوءِ نڪي اُھا ٽاري سگھندا ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.
۽ بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن سان ٺـٺوليون ڪيون ويون پوءِ منجھائن جن ٺـٺوليون ڪيون تن تي اُھو عذاب اُلٽيو جنھن سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا.
(اي پيغمبر کين) چؤ ته رات ۽ ڏينھن ۾ ٻاجھاري (الله جي عذاب) کان ڪير اوھان جي نگھباني ڪندو آھي، بلڪ اُھي، پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندا آھن.
اسان کانسواءِ (بچائڻ وارا) ڪي معبود آھن ڇا جو انھن کي بچائيندا؟ اُھي پاڻ کي به مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي اُھي (ھڪ ٻئي جي مدد سان) اسان (جي عذاب) کان بچندا.
بلڪ کين ۽ پيءُ ڏاڏن کي آسودو ڪيوسون تان جو سندن ڄمار ڊگھي ٿي، پوءِ نه ٿا ڏسن ڇا ته (ڪافرن جي) مُلڪ کي اُن جي چوڌاريون (مسلمانن جي غلبي سان) گھٽائيندا آھيون؟ پوءِ اُھي غالب ٿيندا ڇا؟
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کي وحي سان ئي ڊيڄاريندو آھيان، ۽ جڏھن (ماڻھو) ڊيڄاريا ويندا آھن تڏھن ٻوڙو (ڊيڄارڻ جو) سڏ نه ٻڌندو آھي.
۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ٿوروئي کين پھچي ته ضرور چون ته ھيء ارمان اسين ظالم ھواسون.
۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکندسون پوءِ ڪنھن جيءُ تي ڪجھ ظلم نه ڪبو، ۽ جيڪڏھن عمل اَھر جي داڻي جي تور ھوندو ته به اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون.
۽ بيشڪ مُوسىٰ ۽ ھارون کي نبيريندڙ ڪتاب ۽ انھن پرھيزگارن لاءِ سوجھرو ۽ نصيحت ڏني سون.
جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن ۽ اُھي قيامت کان (پڻ) ڊڄندڙ آھن.
۽ ھي (قرآن) ھڪ برڪت واري نصيحت آھي جنھن کي نازل ڪيوسون، پوءِ به اوھين ان جا منڪر ٿيندا آھيو ڇا؟
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو.
چيائين ته پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون.
(ابراھيم) چيو ته بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو.
چيائون اسان وٽ سچ آندو اٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟
(ابراھيم) چيو ته بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان.
۽ الله جو قسم آھي ته اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن جو ضرور ڪو حيلو ڪندس.
پوءِ اُنھن کي سندن وڏي کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين ته مانَ اھي ڏانھس موٽن.
چيائون ته اسان جي بُتن سان ڪنھن ھھڙو حال ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي.
چيائون ته ھڪ جوان کان ٻڌوسون ته سندين گلا ٿي ڪيائين اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن.
چيائون ته کيس ماڻھن جي اکين اڳيان آڻيو ته مانَ اُھي گواھي ڏين.
(جڏھن آندائون تڏھن) چيائون ته اي ابراھيم تو اسان جي بُتن جو ھي حال ڪيو آھي ڇا؟
(ابراھيم) چيو ته (نه)! بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا ته کانئن پڇو.
پوءِ پاڻ ڏانھن (سوچيندڙ ٿي) موٽيا پوءِ (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته بيشڪ اوھين پاڻ بي انصاف آھيو.
پوءِ پنھنجا ڪنڌ اُونڌا ڪيائون، (چيائون) ته بيشڪ ڄاڻندو آھين ته ھي نه ڳالھائيندا آھن.
(ابراھيم) چيو ته الله کانسواءِ انھن کي پوڄيندا آھيو ڇا جيڪي اوھان کي نڪي نفعو پھچائيندا آھن ۽ نڪي اوھان کي نقصان پھچائيندا آھن.
اوھان کي ۽ جنھن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تنھن کي ڌِڪار ھُجي، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟
چيائون ته اُن کي ساڙيو ۽ جيڪڏھن اوھين ڪي ڪرڻ گھرو ٿا ته پنھنجن بُتن جو ڀَلو وٺو.
(پوءِ باھ ۾ وڌائونس) چيوسون ته اي باھ ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ.
۽ کيس ايذائڻ گھريائون تنھنڪري کين بلڪل ڇيئي وارو ڪيوسون.
۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون.
۽ ابراھيم کي اسحاق بخشيوسون، ۽ يعقوب (جو سندس پوٽو ھو) وڌيڪ (بخشيوسون)، ۽ سڀني کي صالح ڪيوسون.
۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا ۽ انھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھوا.
۽ کيس پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھو صالحن مان ھو.
۽ (اي پيغمبر) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي اوکائيءَ کان بچايو سون.
۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون.
۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون.
تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون.
۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟
۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون.
۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھوا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (به) ڪندا ھوا، ۽ سندن نگھبان ھواسون.
۽ (اي پيغمبر) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته مون کي ڏُک پھتو آھي ۽ تون (سڀني) کان تمام ٻاجھارو آھين.
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اُنھن جھڙا ساڻن گڏ پنھنجي ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (ته) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي.
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو.
۽ کين پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھي صالحن مان ھوا.
۽ مڇي واري (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن ھو (پنھنجي قوم) تي ڪاوڙجي ويو پوءِ (ذوالنون ائين) ڀانيو ته اسان جي مٿس ڪڏھن پڪڙ نه ھلندي پوءِ اونداھين ۾ دانھون ڪيائين ته توکان سواءِ ڪو معبود نه آھي تون پاڪ آھين، آءٌ گنھگارن مان آھيان.
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس غم کان بچايوسون، ۽ اھڙي طرح مؤمنن کي بچائيندا آھيون.
۽ زڪريا (جو قصّو ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي ھيڪلو نه ڇڏ ۽ تون چڱو وارث آھين.
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس يحيىٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ چڱو ڪيوسون، اُھي چڱاين ۾ آڳاٽائي ڪندا ھوا ۽ اسان کي اُميد ۽ ڀؤ ڪري سڏيندا ھوا، ۽ اسان کان ڊڄندڙ ھوا.
۽ (انھيءَ زال جوقصّو ياد ڪر) جنھن پنھنجي اُگھڙ بچائي پوءِ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيوسون ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني ڪئي سون.
بيشڪ اِھو اوھان جو دين ھڪ دين آھي، ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.
۽ پنھنجي (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائون، سڀئي مون ڏانھن موٽندڙ آھن.
پوءِ جيڪو چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن به ھوندو تنھنجي ڪوشش جي بي قدري نه ڪبي، ۽ اسين اُن لاءِ لکندڙ آھيون.
۽ جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي حرام ٿيل آھي ته وري موٽي ايندا اُھي.
تان جو جڏھن يَاجُوج ۽ مَاجُوج کي کولبو ۽ اُھي سڀڪنھن دڙي کان ڊوڙندا.
۽ (جڏھن) سچو وعدو پھچندو تڏھن اوچتو ئي ڪافرن جو اکيون ٽڙي وينديون، (چوندا ته) ھَيءِ اَرمان بيشڪ ھن (حال) کان بي خبريءَ ۾ ھواسون بلڪ اسين ئي ظالم ھواسون.
اوھين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو سي دوزخ جو ٻارڻ آھيو، اُن ۾ اوھين گھڙندڙ آھيو.
جيڪڏھن اُھي (بُت) معبود ھجن ھا ته اُن (دوزخ) ۾ نه گھڙن ھا، ۽ مڙيئي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
منجھس انھن کي رڙيون ھونديون ۽ اُھي منجھس (ڪي) نه ٻڌندا.
جن لاءِ اڳي ئي اسان وٽ چڱائي (لکيل) آھي اُھي اُن (دوزخ) کان پري ڪبا.
(اُھي) اُن جي ڀڻڪ نه ٻڌندا، ۽ جنھن (عيش) ۾ سندن جيءُ (رھڻ) گھرندو تنھن ۾ اُھي سدائين رھندا.
کين تمام وڏو خوف ملول نه ڪندو ۽ کين مَلائڪ گڏبا، (۽ چوندن ته) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.
جنھن ڏينھن آسمان کي ڪاغذ جي ويڙھيءَ وانگي ويڙھينداسون، جئن پھريون بڻايوسون (تئن) ان کي وري بڻائينداسون، اھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون.
ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي.
۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.
چ‍ؤ ته مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نه ٿيندو آھي ته ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ اوھين ڇونه حُڪم مڃيندڙ آھيو؟
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجھو آھي يا پري آھي.
بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (به) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.
۽ آءٌ نه ڄاڻندو آھيان ته متان اُھا ٺھرايل (دير) اوھان لاءِ پرک ھجي ۽ ھڪ وقت تائين (اوھان لاءِ) نفعو ھُجي.
(پيغمبر) چيو ته اي منھنجا پالڻھار سچو فيصلو ڪر، ۽ اسان جو پالڻھار ٻاجھارو آھي جيڪي اوھين بيان ڪندو آھي تنھن تي کانئس مدد گھري ويندي آھي.