Sindhi

Surah المسد - Aya count 5
Share
ابولھب جا ھٿ ڀڳا ۽ (پاڻ به) ھلاڪ ٿيو.
سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نه ٽاريو.
ڇيئي واري باھ ۾ سگھو پوندو.
۽ سندس زال به، جا ڪاٺين (جي) لَڏ کڻندڙ آھي.
جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي.